پرڀداس ويرواڻي

پرڀداس ويرواڻي: پرڀداس ويرواڻي مشهور قومي ڪارڪن ۽ تعليمدان ٿي گذريو آهي. هن 3 اپريل 1900ع تي هالاڻيءَ ۾ جنم ورتو. هو ڪنڊياري ۾ رهندو هو ۽ اُتي هاءِ اسڪول ۾ اُستاد هو. قومي خيالن جو هو ۽ قومي هلچلن ۾ خاموش ڪارڪن طور حصو وٺندو هو. ورهاڱي کان پوءِ اجمير ۾ اچي رهيو ۽ مهاتما گانڌي ودياليله ۾ ماستري ڪيائين. رٽائرمينٽ کان پوءِ به تعليمي ۽ سماجي ڳالهين ۾ سندس چاهه قائم رهيو. ڪجهه وقت لاءِ سڌار سڀا جي ”بُڪ بئنڪ“ جو سيڪريٽري ۽ ڪستور ٻاناري پاٺشالا اسڪول جو مئنيجر رهيو.


لفظ پرڀداس ويرواڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1900.04.03  عيسوي

پرڀداس ويرواڻي 3 اپريل 1900ع تي هالاڻيءَ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالجبار وڪيل
ملا جلال ٺٽوي
زوار بسنت
ڄام تماچي انڙ
حفيظ ڪاردار
حاجي خميسو خان ميمڻ
دارا-I
بوزدار مسز راءِ ناز علي
احمد خان گويو
دائود شورو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون